ڪجهه مهينن بعد بجلي مهانگي ڪرڻي پوندي: حماد اظهر

اسلام آباد( م ڊ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ڪجهه مهينن بعد بجلي مهانگي ڪرڻي پوندي. شوڪت ترين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي حماد اظهر چيو ته سردين ۾ قيمتون وڌائي ڇڏيون، تنهن ڪري هاڻ نه وڌنديون پر ڪجهه مهينن کان پوءِ بجلي اگهن ۾ واڌ ڪرڻي پوندي . هن چيو ته ماهوار 200 يونٽ کان گهٽ اگهه استعمال تي بجلي مهانگي ناهي ڪئي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.