آءِ ايم ايف سان ٺاهه، پيٽرول ، بجلي ۽ گئس اگهن ۾ واڌ، مني بجيٽ جو امڪان

اسلام آباد( م ڊ) پيٽروليم ليوي ماهوار وڌائڻ، ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ ۽ اسٽيٽ بئنڪ قانون ۾ ترميم سميت اهم شرطن تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ معاهدو ٿي ويو، مني بجيٽ اچڻ جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي.  شوڪت ترين چيو آهي ته پيٽروليم ليوي ماهوار  چار رپيا وڌائڻا پوندا. آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت مالياتي اداري پاڪستان کي هڪ ارب 50 لک 90 هزار ڊالرز قرض ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي. اها قسط جاري ٿيڻ بعد پاڪستان کي مليل قرض جو مجموعي ڪاٿو 3 ارب 20 لک 70 هزار ڊالر ٿي ويندو. آءِ ايم ايف موجب قرض پروگرام جي بحالي پهرين ڏنل شرطن تي عملدرآمد سان مشروط هوندي، حڪومتي ادارن کي ڪرپشن ختم ڪرڻي پوندي، حڪمراني ۾ بهتري ۽ شفافيت جي ضرورت آهي، ٽئڪس دائرو وڌائڻ ۽ ٽئڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي به سفارش ڪئي وئي. 5 اهم شرطن ۾ جي ايس ٽي تي ڇوٽ ختم ڪرڻ، پيٽروليم ليوي هر مهيني 4 رپيا وڌائڻ، اسٽيٽ بئنڪ قانون ۾ ترميم، ڪووڊ بابت آڊيٽر جنرل جي رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ ڪوڊ خرچن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪرڻي پوندي. ان سلسلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ڏيندو.  توانائي واري وزير حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته  هي اسٽاف ليول جو معاهدو آهي، ڇهين جائزي اجلاس کان پوءِ آءِ ايم ايف هڪ ارب ڊالر ڏيندو، جنهن بعد مجموعي طور 3 ارب ڊالر ٿي ويندا، جيڪي هنن اسان کي ڏنا آهن. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي قرض جي رقم جاري ڪرڻ جو فيصلو ايگزيڪيوٽو بورڊ ڪندو، اها قسط جاري ٿيڻ بعد پاڪستان کي مليل قرض جو مجموعي ڪاٿو 3 ارب 20 لک 70 هزار ڊالر ٿي ويندو. ان کان پوءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي بئنڪ ۽ ٻيا ملڪ جيڪي اسان جڙيل آهن، اهي به وسيلا ڏيندا ۽ وڏي پئماني تي سرگرميون ٿينديون آهن. هن چيو ته شينهن آيو، شينهن آيو جا نعرا لڳي رهيا هئا، نيٺ اچي ويو. شوڪت ترين چيو ته مانيٽري پاليسي آزاد هجڻ گهرجي. آءِ ايم ايف چيو آهي ته پرڏيهي اڪائونٽ تي دٻاءُ آهيم اسٽيٽ بئنڪ کي بروقت قدم کڻڻ گهرجن.  هن چيو ته پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي  ( پي ڊي ايل) مد ۾ چار رپيا هر مهيني وڌائي 30 رپين تائين وڌائڻو آهي. شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف سبسڊي جي خاتمي جو مقصد صرف ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ آهي. ماهرن موجب توانائي شعبي ۾ سڌارن جو مقصد گردشي قرضن کي گهٽائڻو آهي. جيڪو بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ واڌ سان ممڪن آهي. شوڪت ترين چيو ته هو مڪمل سبسڊي نه پر ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏيڻ چاهين ٿا، جڏهن ته بهتر زندگي، صحت جي بهتري ۽ عام ماڻهو لاءِ ڪامياب پروگرام جهڙن پروگرامن کي ساراهيو ويو. هن چيو ته اسان کي پيٽروليم ليوي ۾ 4 رپيا مهينو واڌ ڪرڻي آهي ته جيئن اها 30 رپيا ٿي وڃي، اسٽيٽ بئنڪ جي ترميم پارليامينٽ مان گهرڻ ضروري آهي. آءِ ايم ايف سان معاهدي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ڪووڊ جي خرچن جو آڊٽ به ڪرڻو آهي، انهن جي معاهدن بابت اهم معلومات پيپرا جي ويب سائيٽ تي شايع ڪئي ويندي آهي. قرض پروگرام جي بحالي پهرين ڏنل شرطن تي عملدرآمد سان مشروط هوندي، حڪومتي ادارن کي ڪرپشن ختم ڪرڻي پوندي، گورننس ۾ بهتري ۽ شفافيت جي ضرورت آهي، ٽئڪس بيس وڌائڻ ۽ ٽئڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي به سفارش ڪئي وئي. معاشي ماهر شهباز رانا بي بي سي ٻڌايو ته پاڪستان کي پيشگي قدم ڪرڻا پوندا. معاشي ماهرن موجب انهن قدمن ۾ مني بجيٽ ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو ترميمي بل شامل ٿي سگهي ٿو. چار سئو جي لڳ ڀڳ واڌو ٽئڪس ۽ ملڪ جي پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ 200 ارب رپين جي ڪٽوتي شامل آهي. معاشي ماهرن موجب سيلز ٽئڪس تي ڇوٽ جو مقصد شيون مهانگيون ٿينديون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.