ن ليگ مافيا آهي، ادارن سان گڏ بيٺل آهيون: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينه آڊيو ٽيپ جو به ذڪر ٿيو، وزيراعظم تبصرو ڪندي چيو ته ن ليگ جي تاريخ کي ياد رکو، هي اهي ئي آهن جن جسٽس قيوم کان مرضي جا فيصلا ڪرايا، هن چيو ته اهي هڪ مافيا آهن، جيڪي ذاتي مفادن ۾ ادارن ۽ شخصيتن کي تڪراري بڻائين ٿا، وزيراعظم اڳواڻن کي عوامي رابطا تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته عوام کي ٻڌايو وڃي ته ن ليگ ڪيئن ججن تي حملا ڪندي آهي، انهن جي اهڙن حربن سان هاڻي ملڪ نه هلندو، حڪومت ادارن جو احترام ڪري ٿي ۽ انهن سان گڏ بيٺل آهي، ماضي ۾ به مافيا عدليه تي حملي آور ٿي چڪي آهي،  هن اي وي ايم بابت به هدايتون ڏنيون ۽ چيو ته ايندڙ چونڊون هر صورت ۾ اي وي ايم تي ئي ڪرايون وينديون، توهان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت ماڻهن جا خدشا ختم ڪريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.