سنڌ ۽ بلوچستان پاڻي مسئلو ماهرن ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعليٰ بلوچستان کي پاڻي جو مسئلو حل ۽ سندن شڪايتون ختم ڪرڻ لاءِ ايندڙ ماهرن جي نگراني ۾ ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري کيس ڊسمبر جي شروعات ۾ پاڻي جو مسئلو خوشگوار نموني حل ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي. بلوچستان ۾ پاڻي جي کوٽ جو معاملو پيپلز پارٽي بلوچستان جي صدر مير چنگيز خان جمالي سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ۾ اٿاريو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته بلوچستان جا ماڻهو اسان جا ڀائر آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪراچي، جيڪب آباد ۽ سکر ۾ رهن ٿا. هن چيو ته آئون اهو چوڻ چاهيان ٿو ته سنڌ، بلوچستان جي عوام جو ٻيو گهر آهي ته پوءِ اسان انهن جي پاڻي کي ڪيئن روڪينداسين؟، پر اسان چاهيون ٿا ته ان مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪجي. مراد علي شاهه چيو ته جڏهن سکر بئراج تي پاڻي جي سطح گهٽجي ويندي آهي ته کيرٿر/ جهل مگسي ڪينال کي پاڻي ڏيڻ بند ٿي ويندو آهي. هن چيو ته نه رڳو بلوچستان پر سنڌ کي به پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. سنڌ جي وڏي مراد علي شاهه، بلوچستان ۾ پنهنجي هم منصب عبدالقدوس بزنجو سان فون تي ڳالهايون ۽ کيس پاڻي جي کوٽ واري مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٻنهي صوبن جي ماهرن سان ملاقات جي آڇ ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير ذاتي دلچسپي وٺڻ تي سنڌ جي وڏي وزير جا ٿورا ادا ڪيا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.