طالبان ٽي وي ڊرامن ۾ عورتن جي ڪم ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

ڪابل(م ڊ) افغانستان ۾ طالبان حڪومت ٽي وي ڊرامن ۾ عورتن جي ڪم ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جڏهن ته عورت صحافين ۽ ٽي وي اينڪرز کي پابند بڻايو ويو آهي ته ٽي وي تي اچڻ کان پهريان حجاب ضرور پائين. افغان صحافين جو چوڻ آهي ته طالبان حڪومت پاران لاڳو ڪيل نئون ضبطا اخلاق مڪمل  طور تي واضح ناهي، ان جي تشريح جي ضرورت آهي، اي ايف پي موجب افغانستان جي مذهبي ۽ ثقافتي معاملن واري وزارت 21 نومبر تي 8 ضابطا جاري ڪندي ڊرامن، فلمن ۽ ٿيٽرز ۾ عورتن کي ڏيکارڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.