ٿاڻا سرداري نظام جي سگهه آهن: سينگار نوناري

نصيرآباد(ن ع آ) نصيرآباد شهر جي ترجمان سماجي اداري شهري اتحاد سال 2022 جي لاءِ چونڊيل باڊي جِي حلف برداري تقريب ٽائون حال نصيرآباد ۾ ٿي گذري، چونڊيل باڊي کي ناري جمهوري محاذ سنڌ جِي اڳواڻ ڪامريڊ فوزيا سينگار حلف کڻايو، حلف برداري تقريب ۾ شهري اتحاد جي اتحادي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ شرڪت ڪئي، حلف برداري تقريب کي ڪامريڊ سينگار نوناري، ننگر چنا، پروفيسر ستار سومرو، جبار آزاد منگي، بشير احمد شيخ، معشوق ڦلپوٽو ۽ خطاب ڪندي چيو، ته نصيرآباد شهري اتحاد سنڌ جو واحد اتحاد آهي، جيڪو رواداري ۽ ٻڌي سان 3 ڏهاڪا پورا ڪري چڪو آهي، اميد آهي ته شهري اتحاد اڳتي به ائين ئي شهرين سان هر مسئلي تي گڏ هوندو، هنن وڌيڪ چيو، ته ٿاڻا سرداري نظام جِي سگهھ آهن، اسان شهرين جا مسئلا پاڻ حل ڪنداسين، ڀوتارڪي نظام کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڻ سڀني کي مزاحمت ڪرڻي پوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.