پي اي سي ذيلي ڪميٽي اجلاس ۾ نيب جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو

اسلام آباد (م ڊ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ڪميٽي جي ڪنوينر نور عالم خان جي صدارت ۾پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن شاهده اختر علي، سيد نويد قمر، خواجه آصف ۽ سيد حسين طارق سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي احتساب بيورو جي 11 -2010ع کان 17 -2016ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو، نور عالم خان جي پڇاڻي تي نيب عملدارن ٻڌايو ته اداري جو پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر چيئرمين هوندو آهي. نور عالم خان چيو ته پي اي سي ۾ قانون تحت هر اداري جو پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر پيش ٿيندو آهي. اسان سڀني جو احترام ڪريون ٿا ۽ عزت سان گهرائيندا آهيون. نيب عملدار چيو ته نيب جي اڪائونٽس جا معاملا ڊي جي ئي ڏسندو آهي، پي اي سي جي لاءِ ڌار پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جي مقرري لاءِ نيب سمري موڪلي رکي آهي. شاهده اختر علي به سيد نويد قمر جي موقف جي تائيد ڪندي چيو ته چيئرمين جي اچڻ ۾ ڪو به حرج نه آهي، کيس اچڻ گهرجي. ڊي جي نيب چيو ته اسان کي ٽي کان چار هفتن جو وقت ڏنو وڃي اسان ان معاملي جو ڪو حل ڪڍي وٺون ٿا. ڊي جي نيب چيو ته اسان کي ايترو وقت ضرور ڏنو وڃي ته جيئن اسان پي اي سي ۾ مڪمل تياري سان اچي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.