لاڙڪاڻي ۾ رولو ڪتن وڌيڪ 16 ڄڻن کي ڏاڙهي ڇڏيو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس ۾ رولو ڪتن تر تپائي مصوم ٻارڙن جي ڏاڙهڻ لڳا، رولو ڪتن 7 معصوم ٻارڙن ۽ 3 عورتن سميت 16 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 9 ورهين جو علي رضا، 46 سالن جو محمد عثمان، 30 سالن جو گل حسن، 40 سالن جو صدام، 8 ورهين جي شاهينه، 23 ورهين جي شهناز، 11 ورهين جي شائسته، 26 ورهين جي پروين ۽ ٻيا شامل آهن جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.