پاڪستان پاران 5 ارب رپين جي امدادي پئڪيج

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان پاران 5 ارب رپين جي امدادي پئڪيج، افغانستان مان پاڪستان جي لاءِ اهم درآمدات تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي سرحدن تان داخل ٿيندڙ سمورن افغانين جي مفت ڪوويڊ 19 ويڪسي نيشن جاري رهندي، پشاور کان جلال آباد بس سروس بحال ڪئي وڃي، دنيا افغانستان جي هنگامي صورتحال جو نوٽيس وٺي انساني همدردي جي بنياد تي هر ممڪن مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي لاءِ قائم ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قو مي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.