پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملو، سپاهي شهيد

ڪوئٽا (م ڊ) پنجگور جي سرحدي علائقي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جو سپاهي شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ ايران سرحد ويجهو پنجگور واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پارٽي مٿان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سپاهي شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب پنجگور ۾ دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي گشتي پارٽي مٿان حملو ڪيو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران سپاهي جليل خان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب سپاهي جليل خان جو تعلق ڊيره اسماعيل خان سان هو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.