ڪراچي ۾ ويڪسينيٽرن جو سي ايم هائوس ڏانهن مارچ، رڪاوٽون، چڪريون، گرفتاريون،ڌرڻو

ڪراچي(رپورٽر )ويڪسينيٽرن سان سنڌ سرڪار ڪيل واعدا وفا نه ڪيا،ويڪسينيٽرن جو ڪراچي ۾19 ڏينهن کان احتجاج جاري،ويڪسنيٽرن پاران ڪالهه مطالبن جي مڃتالاءِ سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش،پوليس پاران رڪاوٽون روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ان دوران جهڙپون ٿيون جنهن کانپوءِ پوليس ڪيترن ئي ويڪسينيٽرن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ويڪسينيٽر  رڪاوٽون ٽوڙي وائي ايم سي روڊ تائين پهتا، جتي پوليس کين هڪ ڀيرو ٻيهر روڪي ورتو ان دوران ويڪسينيٽر ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ڌرڻي ۾ ويٺل ويڪسينيٽرن شرط رکيو ته گرفتار ٿيل اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي ڌرڻو ختم ڪيو ويندو، ان دوران اي سي سائوٿ ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويٺل اڳواڻ سان ڳالهيون ڪيون ۽ گرفتار ٿيل اڳواڻن کي آزاد ڪيو ويو بعد ۾ اڳواڻ  وائي ايم سي تان ڌرڻو ختم ڪري واپس ڪراچي پريس ڪلب ڪئمپ تي پهچي ويا،ان موقعي تي مولابخش چانڊيو، خدا بخش قريشي،غياث الدين،الله بخش سنگراسي ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت ملازمن کي جائز حق ڏيڻ بدران جيلن ۾ پئي وجهي،جمهوريت جو نعرو هڻندڙ حڪومت ويڪسينيٽرن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ پئي ڪري، حق وٺڻ لاءِ نڪتا آهيون حق وٺي وينداسين.اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ٽائيم اسڪيل جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو جاري رهندو. هن وقت سوشل ميڊيا تي روبيلا مهم ڪم ڪندڙ وئڪسينيٽرن جو ڪجهه تصويرون وائرل ٿيون آهن جن ۾ واضح نظر اچي رهيو آهي ته هو ٻارن کي ڪيئن پيا وئڪسين ڪن ۽ ٻارن جي زندگي خطري ۾ وڌي پئي وڃي،هنن چيو ته روبيلا جي وئڪسين دوران جيڪو ٻارن جو نقصان ٿيندو ان جي زميواري سنڌ حڪومت ۽ ڊي ايڇ اوز هوندا، ان موقعي تي محمد حسن جٽ، امير بخش بگٽي، صادق مري، مبارڪ علي به موجود هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.