ڪراچي ۾ قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي وئي، عدالت ۾ پيش

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ گهريلو جهيڙي تان همراهه جي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ پوليس گرفتار ڪيل ٻن جوابدارن حاجي بخش ۽ نديم علي کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ ۾ شاهدن سڃاڻپ ڪئي، جڏهن ته مک جوابدار عبدالرزاق سميت چار جوابدار روپوش آهن، عدالت جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ ٻه ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

  • سراج الحق تنظيمي دوري تي قطر روانو

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جو امير سراج الحق 5 ڏينهن جي تنظيمي دوري تي قطر روانو ٿي ويو. جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ جماعت اسلامي پاڪستان جي قائم مقام امير جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. جماعت اسلامي جي سيڪريٽري اطلاعات قيصر شريف موجب سراج الحق قطر ۾ پنهنجي دوري دوران مختلف پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو ۽ ملڪ جي اهم مذهبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو.

  • ڊاڪٽر شائسته ۽ ڊاڪٽر ارم کي ترقي ڏيڻ بابت جي پي ايم سي پاران جواب داخل

    ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽرن ڊاڪٽر شائسته ۽ ڊاڪٽر ارم کي ترقي ڏيڻ جي حوالي سان عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ جي پي ايم سي انتظاميا پاران جواب داخل ڪرايو ويو، جواب ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽرن جي ترقي جو شيڊول تيار آهي، گريڊ 18 ۽ 19جي ترقي جي لاءِ ڪميٽيون ٺاهيون ويون آهن، جڏهن ته 19۽ 20گريڊ جي ترقي جي لاءِ پراسيس جاري آهي، عدالت ڊي پي سي جي سفارش جي روشني ۾ ترقي جو نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ جي لاءِ 8 ڊسمبر تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

     

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.