گم ٿيلن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم، بيت المال مان ڪفالت نه گهرجي: وارث

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل ماڻهن نعيم، علي، محمد عادل ۽ نسيم احمد سميت ٻين جي گهروارن جي ڪفالت ۽ معاوضو ڏيڻ جي حوالي سان ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، عدالت چيو ته ٻڌايو وڃي گم ٿيل ماڻهن جي ڪفالت جو ڪهڙو قانوني رستو آهي، گم ٿيل ماڻهن جا ننڍا ننڍا ٻارڙا آهن، عدالت پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن جو وڌيڪ تعلق ڪهڙن علائقن سان آهي، گهروکاتي جي فوڪل پرسن چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن سان آهن پر سڀ کان وڌيڪ تعداد ڪراچي جي ماڻهن جو آهي، سرڪاري وڪيل چيو ته وفاقي حڪومت اعليٰ سطحي ڪميٽي ٺاهي آهي، سنڌ حڪومت کي پنهنجو نمائندو مقرر ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي، عدالت فوڪل پرسن کي چيو ته ڪي 9 سالن کان ته ڪي وري 7 سالن کان عدالتن جا چڪر لڳائي رهيا آهن، گم ٿيلن جي وارثن جو چوڻ هو ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين هڪ خاندان کي سرڪاري نوڪري ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي، ڪيترن ئي مهينن کان ان جي آفيس جا چڪر لڳائي رهيا آهيون پر نوڪري نه ٿي ملي، اسان به هن ملڪ جا شهري آهيون، اسان کي بيت المال مان ڪفالت نه گهرجي پر ڪنهن هڪ کي نوڪري ڏني وڃي، عدالت چئني صوبن جي آءِ جيز سميت ٻين کان رپورٽ گهري ورتي آهي، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي سڃاڻپ ڪارڊ کي بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.