وياج جي شرح وڌائڻ سان بئنڪن کي فائدو ۽ معيشت کي نقصان ٿيندو: مفتاح اسماعيل

ڪراچي(رپورٽر) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته وياج جي شرح وڌائڻ سان بئنڪن کي فائدو ۽ معيشت کي نقصان ٿيندو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عمران خان جي پاليسين تي ڪو ڀروسو ناهي، اسٽيٽ بئنڪ جو درجو رياست کان مٿي ڪيو ويو آهي، وياج جي شرح وڌائي حڪومت جو 400 ۽ عوام جو 100 ارب رپين جو خرچ وڌايو ويو آهي، جڏهن ته بئنڪن کي 500 ارب جو فائدو ڏنو ويو آهي، ڪورونا جا پئسا حڪمرانن کي ملي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.