نئين جاچ ٽيم اڄ کان ناظم جوکيو قتل جي جاچ شروع ڪندي

ڪراچي/ ملير (رپورٽر/ ڊر ) ملير جي عدالت ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ عبوري ضمانت حاصل ڪندڙ 3 جوابدار سليم سالار، دودو سالار ۽ سومار سالار پڪي ضمانت حاصل ڪرڻ لاءِ پيش ٿيا، ان سلسلي ۾ ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جو جاچ آفيسر اسدالله انصاري ۽ ڪيس جو اڳوڻو جاچ آفيسر غلام مجتبيٰ باجوا به عدالت ۾ پيش ٿيا، ان موقعي تي اڳوڻي جاچ آفيسر اسدالله انصاري چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ وقت مان جاچ آفيسر هئس بعد ۾ 8 رڪني جاچ ٽيم جوڙي ڪيس انهن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، ايس آءِ او غلام مجتبي باجوا چيو ته اٺ رڪني جاچ ٽيم تي فريادي پاران بي اعتمادي جو ظاهر ڪيو ويو جنهن بعد ٽي رڪني جاچ ٽيم ايڊيشنل آءِ جي جي اڳواڻي ۾ جوڙي وئي، جيڪا اڄ کان باقائده جاچ شروع ڪندي، نئون جاچ آفيسر سراج لاشاري ايمرجنسي ۾ ڪراچي کان ٻاهر ويل آھي، ان ڪري هو اچي ناهي سگهيو، جنهن بعد عدالت جاچ آفيسر سراج لاشاري جي غيرحاضري سبب ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.