اڄ سوسائٽي ۾ سڀاڻي ماڻهن جي گهرن ۾ مال پڙيون لڳائي ڇڏيندا: هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس فيصل ڪمال عالم تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ خانگي ملڪيتن تي قبضو ڪري مال منڊي لڳائڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس ظفر احمد راجپوت ملير ڪينٽونمينٽ بورڊ جي وڪيل کي چيو ته هي شڪايت عام عوام کي آهي، اوهان پرائيويٽ سوسائيٽيز ۽ پارڪس ۾ جانورن جي منڊي لڳائيندا آهيو، عدالت وڌيڪ چيو ته اڄ سوسائٽي ۾ سڀاڻي ماڻهن جي گهرن ۾ منڊي لڳائي ويندي، اوهان پارڪس کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ملير ڪينٽونمينٽ بورڊ جي وڪيل چيو ته اسان حلف جمع ڪرائڻ جي لاءِ تيار آهيون، اهڙو ڪجهه به نه آهي. عدالت چيو حلف نامو ڪوڙو ثابت ٿيو ته ان جا نتيجا سنگين هوندا، عدالت ملير ڪينٽونمينٽ بورڊ  کي 7 ڊسمبر تائين حلف نامو جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.