ڪانها ڪمار ڪيس جي جوابدارن جو رمانڊ، سوڳ، ڪنڌڪوٽ ۾ ريلي،ڌرڻو

خيرپور/ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:شاهدنواز سيال) ٽي ڏينهن اڳ ٻٻرلوءِ شهر ۾ جنسي زيادتي ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪيل معصوم نينگر ڪانها ڪمار جي ڪيس ۾ نامزد ڪيل ٻن جوابدارن انعام شاه ۽ مدثر منڱڻهار کي ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي پوليس خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  ۾ پيش ڪيوويو، جتي پوليس جي استدعا تي جوابدارن کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي  پوليس حوالي ڪيو ويو هوڏانهن وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، ايم پي اي منور علي وساڻ، خير پور بار جي صدر سيد جعفر علي شاهه،ايڊوڪيٽ عبدالرزاق ميتلو،زين العابدين ميتلو، راجا خان ميتلو، جي يو آءِ  جي حافظ عمران مصطفي، صحافين سنيئر صحافين دين محمد ڪلهوڙو، شاهدنواز سيال، محمد بخش جويو، جميل احمد بلوچ، شاهنواز عباسي،گلمير ڦلپوٽو،راشد سمنگ ٻين پهچي ڪري وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو ان موقعي تي پ پ ايم پي اي منور وساڻ چيو ته معصوم ڪانها جي قاتلن جون ڄنگهون ڪٽي ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن انهن وحشي صفت انسانن کي ڏسي ڪري ڪنهن ٻئي ۾ اهڙي انسانيت کان ڪريل حرڪت ڪرڻ جي ڳالھ ذهن ۾ نه اچي هن چيو ته ڪانها جي  قتل جو آواز اسيمبليءَ ۾ اٿاريندس نفيسه شاهه چيو ته اسين هن ڪيس جي پيروي لاءِ خيرپور بار جي وڪيلن تي ٻڌل هڪ ٽيم جوڙينداسين ، هوڏانهن  جماعت اسلامي يوٿ سنڌ جي صدر محمد حسن کوسو جي قيادت ۾ وفد ٻٻرلو ۾ جنسي درندگي بعد قتل ٿيندڙ معصوم ٻارڙي ڪانهه سچديو ڪمار جي گهر پهچي ڪري والد سان واقعي تي افسوس ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن سان دردنگي ۽ قتل جا وڌندڙ واقعا سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي جو راڳ الاپيندڙ حڪمرانن جي منهن تي چماٽ آهن، ڪنڌڪوٽ ۾ نوجوان ھندو اتحاد جي سڏ تي ڪانھا ڪمار ۽ ناظم جوکيو جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ سنتوش ڪمار اگروال، دليپ ڪمار ٺاڪر، بارڪائونسل جي صدروڪيل سيد سڪندر علي شاهه، رام چند آريا، ايس ٽي پي صدر اڪرم باجڪاڻي،  ايس يو پي جي ڊويزنل صدر ظريت بجاراڻي، ضعلعي صدر دلمراد ڏاھاڻي،  سينئر نائب صدرشاھنواز مرھيٽو، اصغر شيخ، غلام مصطفيٰ ميراڻي، قومي عوامي ضعلي صدر  سجاد بروھي ايس ٽي پي جي گھايل سنڌي، سول سوسائٽي جي  نظير سومرو، جئرام سچدیو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي مظاھرين قاتلن کي ڦاھي ڏيو، ظالمو جواب ڏيو، خون جو حساب ڏيو جي نعريبازي ڪئي

  • سنڌ ۾ لاقانونيت آهي، ڪانها ڪمار جي وارثن سان گڏ آهيون:اياز لطيف

ٻٻرلوءِ /حيدرآباد(پ ر)  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ٻٻرلوء ۾ معصوم ٻالڪ ڪانھا سچديو جي تڏي تي پھچي سندس والد پريتم ڪمار، چاچي جيسو مل ۽ ٻين وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ کانئن واقعي جا تفصيل ورتا، ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي خيرپور سان رابطو ڪري جوابدارن خلاف قانوني پيش رفت تي ڳالھ ٻولھ ڪئي، اياز لطيف پليجي معصوم نينگر ڪانھا سچديو جي قتل واقعي جي مذمت ڪندي وارثن کي انصاف ۾ مدد ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي،هن چيو ته آئون جڏھن لاھور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ ھئس ته ان فورم تي ڪانھا ڪمار، ناظم جوکيو، فھميدہ سيال جي باري ۾ ڳالھايو.اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ ۾ پاڻ سان اھو ان ڪري ٿئي ٿو ته ھتي سنڌ ۾ لاقانونيت آهي جھنگ جو قانون آهي، هوڏانهن اياز لطيف پليجو دعويٰ ڪئي آهي ته شهيد ناظم جوکيو جي بيوهه شيرين جوکيو کي سندس گهر ۾ قيد ڪيو ويو آهي  ۽ کيس ڪنهن سان به ملاقات ڪرڻ نه پئي ڏني وڃي. اياز لطيف پليجو اهڙي دعويٰ گذريل ڏينهن لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪئي اياز لطيف پليجو چيو ته شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ ۽ شيرين جوکيو جي ڏير افضل جوکيو کي مينيج ڪيو ويو آهي ۽ شيرين جوکيو پنهنجي شهيد مڙس جو ڪيس پاڻ وڙهڻ چاهي ٿي، تنهن ڪري کيس سندس ئي گهر ۾ قيد ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.