ڪيس ڇو داخل ڪرايو؟ پي ٽي آءِ اڳواڻ ليليٰ پروين تي وڪيلن جو تشدد

ڪراچي/ ملير (رپورٽر / ڊر) ملير جي عدالت ۾ اڳوڻي مڙس وڪيل علي حسنين پاران 65 لک جو ڪوڙو چيڪ ڏيڻ تي گرفتاري بعد عدالت ۾ ضمانت منظور ڪرائڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ليليٰ پروين ۽ سندس ڀاءُ پاران وڪيل جي ڪوڙي چيڪ ۾ ضمانت ٿيڻ تي دانهون ڪيون ته اتي موجود جوابدار وڪيل علي حسنين جي ساٿي وڪيلن ليليٰ پروين ۽ سندس ڀاءُ کي تشدد جو نشانو بڻايو، ان حوالي سان ليليٰ پروين جي اڳوڻي مڙس علي حسنين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ليليٰ پروين ۽ سندس ڀاءُ گذريل ڏينهن سائيٽ سپر هائي وي پوليس ٿاڻي تي مون تي تشد ڪيو ان سان گڏ پوليس کان به تشدد ڪرايو، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ ليليٰ پروين چيو ته مان انصاف جي لاءِ عدالت ۾ وئي هيس منهنجي اڳوڻي مڙس پنهنجي وڪيلن سان گڏجي مون تي ۽ منهنجي ڀاءُ تي سخت تشدد ڪيو آهي، مان هڪ عورت هئس پر ان جي باوجود وڪيلن مونکي مارڪٽ ڪئي، منهنجي ڀاءُ کي مارڪٽ ڪئي، منهنجي وڏي تذليل ٿي آهي مان هڪ ڀيرو ٻيهر انصاف جو مطالبو ڪريان ٿي جيڪڏهن مونکي انصاف نه مليو ته مان چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي عدالت اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.