مهانگائي جي بنياد تي وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي نااهلي بابت درخواست رد

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي نااهلي بابت نيون چونڊيون ڪرائڻ جي درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ تي رد ڪري ڇڏي، ڪالهه لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي شيخ مظفر جي درخواست تي هاءِ ڪورٽ آفيس جي اعتراض بابت ٻڌڻي ڪئي، هاءِ ڪورٽ آفيس درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ سقرار ڏنو هو، عدالت هاءِ ڪورٽ آفيس جي اعتراض کي برقرار رکيو ۽ درخواست ڏيندڙ کي چيو ته بي بنياد درخواست داخل ڪرڻ تي ڇو نه اوهان مٿان ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي، درخواست ڏيندڙ جو موقف هو ته عمران خان جي نااهلي سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو ۽ عمران خان قوم سان ڪيل واعدا به پورا ناهن ڪيا، جنهن کان پوءِ عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ تي رد ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.