سنڌ ۾ سويلين آمريت قائم ٿيل آهي: حليم عادل شيخ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ سويلين آمريت قائم ڪري جمهوري قدرن ۽ روايتن کي پامال ڪيو پيو وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي فلور تي اپوزيشن جي آواز کي دٻايو پيو وڃي، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ هڪ طرفي قدم کنيا پيا وڃن، جمهوريت جا ڪوڙا دعويدار پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اسيمبلي جو تقدس پامال ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اسان سنڌ جي اهم مسئلن سميت ناظم جوکيو فهميده سيال جي قتل سميت ٻين اهم مسئلن کي اٿارڻ چاهيو پئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.