پ پ وارا سنڌ جي ماڻهن تي ظلم ڪري رهيا آهن: معظم عباسي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان چونڊيل جي ڊي اي جي ايم پي اي معظم علي خان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري سفيد پوش ۽ غريب طبقو سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن پنهنجي رهائشگاهه وليد محلا ڪوٽ داراب ۾ شهرين سان ملاقات دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن تي پيپلز پارٽي وارا ظلم ڪري رهيا آهن جن جي احتساب جا ڏينهن ويجهو آهن انهن جا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز سنڌ جي مظلوم ماڻهن کي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪري رهيا آهن پر سنڌ حڪومت انهن جي پٺڀرائي ۾ مصروف آهي پر هاڻي سنڌ جو عوام جاڳي چڪو آهي ۽ پنهنجا حق کسي سُک جو ساهه کڻندي. هن چيو ته لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي طرز تي پوري سنڌ ۾ اتحاد ٺاهيا ويندا ۽ عام چونڊن توڙي مڪاني چونڊن ۾ سنڌ ۾ هر تڪ تي پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائيم ڏينداسين ان کان اڳ معظم علي عباسي قمبر پهچي پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سردار خان چانڊيو سان سندس گهر واري جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.