شگر جي مريضن لاءِ وڏي خوشخبري، هاڻي دِل تي مٺاڻ کائي سگهندا

پاڪستان ۾ اسٽيويا نالي ٻوٽَي جو فصل پوکيو ويو آهي جيڪو شگر جي مريضن لاءِ بنا ڪنهن خوف جي کنڊ جي جاءِ تي استعمال ڪري سگهجي ٿو.

ڪراچي يونيورسٽي جي فوڊ سائنسز جي پروفيسر ڊاڪٽر غفران سعيد چيو آهي ته اسٽيويا نالي جو هڪ ٻوٽو انساني صحت جي لاءِ وڏو فائديمند آهي جنهن جو پائوڊر کنڊ جي جاءِ تي استعمال ٿي سگهي ٿو، اهو پائوڊر عام کنڊ کان ٽي ڀيرا مِٺو هوندو آهي، تنهنڪري ڪمرشلي طور تي ان کي مختلف شين سان گڏ ملائي وڪرو ڪيو ويندو آهي.

هن چيو ته اولهه ملڪن ۾ ان جو وڪرو عروج تي آهي، ان ٻوٽَي جو فصل مختلف موسمن ۾ ٿيندو آهي اهو اسان جي ملڪ ۾ هاڻي به مختلف جاين تي پوکيو ويندو آهي.

ڊاڪٽر غفران جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن منظم طريقي سان ان جي فصل ۾ واڌ ڪئي وڃي ۽ ان جي پراسيسنگ جي انڊسٽري لڳائي وڃي ته اهو ملڪي معيشت جي لاءِ وڏو فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.

واضح رهي ته اهو هڪ قدرتي شيءِ آهي تنهنڪري جسم جي لاءِ فائديمند به آهي ۽ کنڊ وانگر نقصان به ناهي پهچائيندو، اسٽيويا جا پَن رت ۾ شگر جو مقدار گهٽائيندا آهن جڏهن ته بلڊ پريشر کي به ضابطي ۾ رکندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.