ڪوٽڙي ۾ شورا برادري جو پوليس چڙهائي ۽ تشدد خلاف احتجاج

ڪوٽڙي ۾ ڳوٺاڻن پوليس جي چڙهائي ۽ تشدد خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو

شورا برادري جي سوين ماڻهن ڳوٺ تي پوليس اٽالن جي چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پوليس بيگناهه اسان جي ڳوٽ تي چڙهائي ڪري معزز خان محمد شوري تي تشدد ڪيو ۽ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

مظاهرين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي اهڙي ڪارروائي خلاف جاچ ڪري انصاف ڏياريو وڃي

ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ هو ته ٽرڪن سميت مختلف ڦرن جي وارداتن خلاف ڪاروائي ڪندي شڪ جي بنياد تي گرفتاريون ڪيون آهن جن کان پڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.