ناليواري ڀارتي اداڪارا قتل جي ڪوشش جي الزام ۾ گرفتار

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ناليواري ڀارتي اداڪارا ۽ سياستدان سيوني گهوش کي قتل جي ڪوشش جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب آل انڊيا ترنمول ڪانگريس جي اڳواڻ يوٿ جي صدر سيوني گهوش کي ڀارتي رياست تريپورا ۾ پوليس گرفتار ڪيو.

پوليس اداڪارا کي قتل جي ڪوشش جي الزام ۾ آچر واري ڏهاڙي گرفتار ڪيو هو، پوليس موجب اداڪارا کي مڪمل جاچ کانپوءِ ئي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن اداڪارا ۽ سياستدان سيوني گهوش کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت کيس ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو.

ترنمول ڪانگريس سيوني جي گرفتاري جو الزام ڀارتيا جنتا پارٽي تي هنيو ۽ انتقامي ڪارروائي قرار ڏنو.

واضح رهي ته اداڪارا سيوني گهوش ڪيترين ئي بنگالي فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ انکانسواءِ اها ويب سيريز ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر آئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.