عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مڪاني نمائندن جو ڪردار اڻٽر آهي: بلاول ڀٽو زرداري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوام جي مسئلن جي تڪڙي حل لاءِ مڪاني نمائندن جي ڪردار کي اڻٽر قرار ڏئي ڇڏيو.

اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس ۾ ٿيندڙ هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو.

اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مڪاني ادارن جي وزير ناصر شاهه ۽ صلاحڪار مرتضيٰ وهاب مڪاني نظام جي حوالي سان بريفنگ ڏني.

بلاول ڀٽو زرداري کي آگاهه ڪيو ويو ته سنڌ ۾ هڪ اهڙو مڪاني نظام تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن سان مڪاني نمائندن جا اختيار وڌي ويندا ۽ مڪاني نظام وڌيڪ مضبوط ٿيندو.

اجلاس ۾ فريال ٽالپر، نثار کهڙي، جميل سومري، سعيد غني، منظور وساڻ، سهيل انور سيال ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.