عوام کي مهانگائيءَ جو هڪ ٻيو ڪرنٽ هڻڻ جون تياريون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مهانگائيءَ جي ستايل عوام لاءِ هڪ ٻي خبر سامهون اچي وئي، ڇو ته بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو خدشو آهي.

سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) نيشنل اليڪٽرڪ ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 75 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي آهي.

اها درخواست آڪٽوبر مهيني جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي آهي، جنهن تي نيپرا 30 نومبر تي ٻڌڻي ڪندي.

درخواست ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ سڀني بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين لاءِ آهي.

سي پي پي اي موجب آڪٽوبر ۾ ڪُل 11 ارب 29 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ٿي ۽ 10 هزار 98 ڪروڙ يونٽ بجلي ورهائيندڙ ڪمپينن کي وڪرو ٿي.

هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ به نيپرا کي في يونٽ بجلي 29 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، جنهن تي ٻڌڻي 2 ڊسمبر تي ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.