آءِ ايم ايف سان معاهدو طئي، پيٽروليم ليوي هر مهيني 4 رپيا وڌائڻي آهي: شوڪت ترين

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون طئي ٿي ويون آهن، پيٽروليم ليوي هر مهيني 4 رپيا وڌائڻي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف هڪ ارب ڊالر قرض فراهم ڪندو، ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ ۾ دير ان ڪري ٿي ته مارچ ۾ جن قدمن تي عمل جو واعدو ڪيو ويو هو، آءِ ايم ايف انهن کان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه هو، هاڻ ٽيڪس وصولين جو هدف هڪ هزار 600 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته آءِ ايم ايف سان بجلي مهانگي ڪرڻ تي رضامندي اڳ ٿي وئي هئي، اسان 500 ملين ڊالر ورتا هئا، معاهدي کان پوئتي هٽڻ ڏکيو ٿي ويو هو، ڳالهين ۾ اسان پنهنجي موقف تي رهياسين.

سندس چوڻ هو ته پيٽروليم ليوي 10 ارب رپيا ڪرڻ جو چيو ويو، اها ته اسان نٿا ڪري سگهون، پيٽروليم ليوي هر مهيني 4 رپيا وڌائڻي آهي ۽ پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي 30 رپين تائين پهچائڻي آهي.

شوڪت ترين چيو ته اسٽيٽ بئنڪ سڌارن جو بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، اسٽيٽ بئنڪ گورنر نيب کي جوابده هوندو ۽ ناڻي واري وزير جي صلاح سان ڪم ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.