ٺٽي لڳ سياسي سماجي اڳواڻ مھر علي پليجو جي ورسي  تقريب

ٺٽي لڳ ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ سياسي سماجي اڳواڻ مھر علي پليجو جي پھرين ورسي ملهائي وئي

مرحوم جي ڀائرن اڳوڻي ڊي ايڇ او ٺٽو ڊاڪٽر عبدالخالق پليجو، اڳوڻي ميونسپل ڪمشنر ڊاڪٽر مختيار پليجو، اڳوڻي چيف انجنيئر آبپاشي ۽ ايڊووڪيٽ ھاءِ ڪورٽ عبدالقادر پليجو، ڊپٽي ڊائريڪٽر نياز احمد پليجو، چيف انجنيئر ھاءِ وي سنڌ طفيل پليجو، علي محمد پليجو ۽ ٻين تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مھر علي پليجي جو اوچتو وڇوڙو ڏکوئيندڙ ھو، سندس خال ڀرڻ ڏکيو نه پر ناممڪن آهي.

هنن چيو ته مھر علي پليجو ارڏو ۽ نه وسرندڙ ڪردار آهي، جيڪو هميشه ياد رهندو، مرحوم جون علائقي واسين لاءِ خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون.ورسي تقريب ۾ اڳوڻي ضلعي چيئرمين ٺٽو غلام قادر پليجو، ايم پي اي رياض شاھه شيرازي، پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، محمود عالم شاھه، پير غلام رحماني، ممتاز ميمڻ، ڊاڪٽر الطاف خواجا، علي اڪبر کوکر، ڊاڪٽر نواز بلوچ، غلام نبي شيخ، ظفر پليجو، مسعود نوراني، ملڪ غلام اڪبر، عبدالغني گبول، ملڪ عمران، ڊاڪٽر نظير ميمڻ، عزيز ڪلمتي، رزاق ڪلمتي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ورسي تقريب دوران قرآن خواني ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا پڻ گهري وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.