وزيراعظم کي افغانستان جي ڳڻتي، 5 ارب رپين جو امدادي پيڪيج منظور

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي عوام لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي 5 ارب رپين جي امدادي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي.

وزيراعظم افغانستان لاءِ قائم ايپيڪس ڪميٽي جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين، آرمي چيف جنرل قمر باجوا باجوا، قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف ۽ ٻيا شريڪ هئا.

معيد يوسف ڪميٽي کي افغانستان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني، جنهن کانپوءِ انساني همدردي ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ خاطر افغانستان لاءِ 5 ارب رپين جي امدادي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي.

امدادي شين ۾ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ، سياري لاءِ سامان، دوائن ۽ ميڊيڪل جو سامان شامل آهي.

ڪميٽي افغانستان مان پاڪستان اهم درآمدن تي سيل ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي اصولي منظوري به ڏني.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جي سرحدن ۾ داخل ٿيندڙ سڀني افغان شهرين لاءِ ڪورونا جي مفت ويڪسينيشن جاري رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.