وفاقي سرڪاري ملازمن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ بابت ڪيسن تي فيصلو محفوظ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي سرڪاري ملازمن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ بابت ڪيسن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني پلاٽ الاٽمينٽ بابت ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.

هائوسنگ سيڪريٽري ٻڌايو ته پلانٽس الاٽمنيٽ لاءِ پاليسي ٺاهي وئي آهي، سي ڊي اي ۽ فيڊرل گورنمينٽ هائوسنگ اٿارٽي زمين ايڪوائر نه ڪندي، رڳو سرڪاري ملازمن کي پلاٽ الاٽ ٿيندا.

چيف جسٽس چيو ته پوءِ رڳو آفيسرن بدران سڀني سرڪاري ملازمن کي ملڻ گهرجن، سپريم ڪورٽ جي ججن جي به انٽرسٽ شامل ٿي وئي آهي، مفاد جي ٽڪراءَ کي ان معاملي مان ڪيئن ختم ڪري سگهبو؟

اڪرم شيخ ايڊووڪيٽ چيو ته هن عدالت جي ڪارروائي سپريم ڪورٽ جي ججن کي اسڪينڊلائز ڪري رهي آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 5 ڪروڙن جو پلاٽ 40 لک رپين جو ڏنو پيو وڃي، 3 ارب رپيا سرڪاري ناڻي مان پرائيويٽ ماڻهن جي کيسن ۾ هليا ويندا، 11 هزار ماڻهو 1960 کان انتظار ۾ آهن ته انهن کي پلاٽ ملندو، سرڪار انهن ماڻهن کان زمينون زبردستي ورتيون آهن ۽ کين اڄ تائين معاوضو نه مليو، هڪ ڳالهه واضح ڪري ڇڏيون، جج ۽ بيورو ڪريٽ عوام جي خدمت لاءِ موجود آهن.

عدالت چيو ته بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي جي اجازت ڪيئن ڏيون؟ ان رقم مان جيڪي بي گهر مزدور آهن انهن کي گهر ٺاهي ڏيو، اسپتال ڇو نٿا ٺاهي ڇڏيو؟ مهانگائي تي ڪنٽرول ڇو نٿو ڪيو وڃي؟

عدالت وفاقي سرڪاري ملازمن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ بابت ڪيسن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.