پاڪستان طرفان کيڏڻ تي شاهنواز ڏاهاڻي ڇا چيو؟

 

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي بنگلاديش خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڊيبيو تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شاهنواز ڏاهاڻي چيو ته الحمدالله اڄ مان ملڪ لاءِ کيڏي رهيو آهيان، پاڪستان طرفان کيڏڻ تي انتهائي خوش ۽ پرجوش آهيان.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن وڌيڪ لکيو ته اهو سڀ منهنجي ماءُ جي دعائن سان ممڪن ٿيو آهي.

قومي ڪرڪيٽر پنهنجي لاءِ دعا ۽ سپورٽ ڪندڙن جا پڻ ٿورا مڃيا.

واضح رهي ته شاهنواز ڏاهاڻي بنگلاديش خلاف بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 اوورن ۾ 24 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.