وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي نااهليءَ لاءِ درخواست رد

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي نااهلي ۽ نيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي، شيخ مظفر جي درخواست تي هاءِ ڪورٽ آفيس جي اعتراض جي ٻڌڻي ڪئي، هاءِ ڪورٽ آفيس درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏني هئي.

عدالت هاءِ ڪورٽ آفيس جي اعتراض کي برقرار رکيو ۽ درخواستگذار کي چيو ته ڇو ته بي بنياد درخواست تي ڏنڊ هنيو وڃي.

درخواستگذار جو موقف هو ته عمران خان جي نااهلي سبب مهانگائي وڌي ۽ هن قوم سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا.

لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.