ثاقب نثار جي مبينا آڊيو: وزيراعظم پارٽي ترجمانن جو اجلاس گهرائي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پارٽي ترجمانن جو اهم اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آڊيو جي معاملي ۽ لاهور ۾ ٿيندڙ وڪيلن جي ڪانفرنس تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم اجلاس ۾ پارٽي ترجمانن کي گائيڊ لائنز جاري ڪندو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير شيخ رشيد، فواد چوڌري ۽ سينيئر اڳواڻ شريڪ ٿيندا.

واضح رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس رٽائرڊ ثاقب نثار سان جڙيل هڪ مبينا آڊيو ٽيپ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته عمران خان جي جاءِ ٺاهڻ لاءِ نواز شريف کي سزا ڏيڻي پوندي، مريم نواز کي به سزا ڏيڻي پوندي.

ن ليگ صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف اڳوڻي چيف جسٽس جي مبينا آڊيو ڪلپ تي چيو آهي ظاهر ٿي ويو ته نواز شريف کي ڪيئن ٽارگيٽ ڪري سياسي عمل کان ڌار ڪيو ويو.

هوڏانهن اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته آڊيو ۾ منهنجو آواز ناهي، مون سان جوڙيل آڊيو ڪوڙي آهي، مان ان حوالي سان ڪڏهن به ڪنهن کي هدايتون ناهن ڏنيون، سوچي رهيو آهيان ته قانوني رستو اختيار ڪيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.