هوائي گدلاڻ سبب اسڪول هفتي ۾ 3 ڏينهن بند رکڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ سموگ ۽ وڌندڙ گدلاڻ سبب لاهور جا سرڪاري ۽ نجي اسڪول هفتي ۾ 3 ڏينهن بند رهندا.

رليف ڪمشنر پنجاب بابر حيات تارڙ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب لاهور ۾ سمورا سرڪاري ۽ نجي اسڪول ڇنڇر، آچر ۽ سومر ڏينهن بند رهندا.

27 نومبر کان 15 جنوري تائين ان نوٽيفڪيشن تي عمل ٿيندو، جڏهن ته لاهور جون سموريون نجي آفيسون به هفتي ۾ 3 ڏينهن بند رهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.