هالاڻي ۾ مهانگائي ۽ بدامني خلاف احتجاجي ريلي

هالاڻي ۾ آل پارٽيز ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مهانگائي ۽ بدامني خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

ريلي ۾ پ پ شهيد ڀُٽو، نون ليگ، عوامي پارٽي، ايس ٽي پي سميت مختلف سياسي سماجي ڌرين شرڪت ڪئي

ريلي کي سيد حماد الله شاهه، حاجي امداد چانگ ايڊووڪيٽ سيد ناياب شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾مهانگائي ماڻهن جون وايون بتال ڪري ڇڏيو آهي ۽ حڪومت گهبرانا نهين جو درس ڏئي رهي آهي

اڳواڻن چيو ته محرابپور سميت سڄي سنڌ ۾ ڦرن، چورين ۽ اغوا جا واقعا وڌي ويا آهن ماڻهن کي بيگناهه قتل ڪيو پيو وڃي

هنن چيو ته سنڌ ۾ غربت سبب ماڻهو پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آهن ۽ حڪمرانن کي ڪا پرواهه ئي ناهي

احتجاج دوران آل پارٽيز ڪانفرنس جي اڳواڻن 31 تاريخ تي محرابپور جڏهن ته 9 تاريخ تي لاکا روڊ تي بدامني ۽ مهانگائي خلاف ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.