ڪنڌڪوٽ ۾ نوجوان هندو اتحاد جي سڏ تي جنسي زيادتي بعد قتل ڪيل ڪانھا ڪمار ۽ ناظم جوکيو جي قتل خلاف ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو

ڪنڌڪوٽ ۾ نوجوان هندو اتحاد جي سڏ تي جنسي زيادتي بعد قتل ڪيل ڪانھا ڪمار ۽ ناظم جوکيو جي قتل خلاف ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو

احتجاج ۾ بار ڪائونسل، ايس ٽي پي، ايس يو پي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

اڳواڻن احتجاج کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ اهڙي قسم جا وحشت ناڪ واقعا روڪڻ لاءِ جنسي زيادتي جي جوابدارن کي سري عام ڦاهي ڏني وڃي

هنن چيو ته عوام جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، معصوم ٻارڙن کي زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪندڙ جوابدارن کي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي

هنن سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي مقتول ڪانها ڪمار ۽ شهيد ناظم جوکيي جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.