ثاقب نثار جي آڊيو ۽ راڻا شميم جو حلفي بيان وڏا سواليا نشان آهن: حافظ حمدالله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله چيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو ۽ جسٽس (ر) راڻا شميم جو حلفي بيان وڏا سواليا نشان آهن.

پي ڊي ايم اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي حافظ حمد الله چيو ته اپوزيشن اڳ ئي خدشا ظاهر ڪري چڪي هئي ته ناانصافي ٿي رهي آهي، هاڻ وضاحت ججن ۽ عدليا کي پاڻ ڪرڻي آهي.

هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو ۽ جسٽس (ر) راڻا شميم جو حلفي بيان وڏا سواليا نشان آهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته لانگ مارچ، استعيفائن ۽ ڌرڻي جون تجويزون تيار آهن، سڀاڻي سربراهي اجلاس ۾ حتمي منظوري ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.