پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جو حملو، هڪ جوان شهيد

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پنجگور جي سرحدي علائقي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ ايران سرحد سان گڏ پنجگور جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پارٽي تي دهشتگردن حملو ڪيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوان شهيد ٿي ويو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته دشمن عنصرن طرفان اهڙن حملن جو مقصد بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ آهي، سيڪيورٽي فورسز دشمن عنصرن جي ڪارروائين کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.