آڊيو ڪلپ ظاهر ڪري ٿي ته ڪيئن نواز شريف کي ٽارگيٽ ڪيو ويو: شهباز شريف

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف اڳوڻي چيف جسٽس جي مبينا آڊيو ڪلپ تي چيو آهي ظاهر ٿي ويو ته نواز شريف کي ڪيئن ٽارگيٽ ڪري سياسي عمل کان ڌار ڪيو ويو.

سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ شهباز شريف چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس جي نئين آڊيو ڊيپ منظر تي اچڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته ڪيئن هڪ وڏي اسڪيم ذريعي نواز شريف ۽ مريم نواز کي سياسي عمل کان الڳ رکيو ويو.

هن چيو غلط شين کي درست ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، قوم انصاف جي نظام ڏانهن واجهائي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.