اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سان جڙيل مبينا آڊيو ٽيپ سامهون اچي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس رٽائرڊ ثاقب نثار سان جڙيل هڪ مبينا آڊيو ٽيپ سامهون اچي وئي، جڏهن ته اڳوڻي چيف جسٽس پاڻ سان جڙيل آڊيو ڪلپ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آڊيو تيپ سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته عمران خان جي جاءِ ٺاهڻ لاءِ نواز شريف کي سزا ڏيڻي پوندي، مريم نواز کي به سزا ڏيڻي پوندي.

مبينا آڊيو ٽيپ ۾ هو تسليم ڪري رهيو آهي ته مريم نواز کي به سزا ڏيڻي پوندي، توڙي جو ان خلاف ڪو ڪيس ناهي.

هوڏانهن خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار پاڻ سان جڙيل مبينا آڊيو ٽيپ جي ترديد ڪري ڇڏي.

سندس موجب آڊيو ۾ منهنجو آواز ناهي، مون سان جوڙيل آڊيو ڪوڙي آهي، مان ان حوالي سان ڪڏهن به ڪنهن کي هدايتون ناهن ڏنيون، سوچي رهيو آهيان ته قانوني رستو اختيار ڪيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.