پاڪستان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بنگلاديش کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

 

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به بنگلاديش کي شڪست ڏئي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.

ڍاڪا ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته پاڪستان طرفان پهرين ميچ کيڏندڙ شاهنواز ڏاهاڻي 7 جي مجموعي اسڪور تي ميزبان ٽيم جي پهرين وڪيٽ ڪيري ڇڏي.

پاڪستاني بالنگ اٽيڪ اڳيان بنگلاديشي بيٽسمين هڪ ڀيرو ٻيهر سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا ۽ ميزبان ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهي سگهي.

محمد نعيم 47 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، پاڪستان طرفان محمد وسيم ۽ عثمان قادر 2-2، جڏهن ته شاهنواز ڏاهاڻي ۽ حارث رئوف هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ 5 وڪيٽن جي نقصان تي آخري بال تي هدف پورو ڪري سيريز 0-3 تان کٽي ورتي.

پاڪستان طرفان بابر اعظم ۽ محمد رضوان اننگز جي شروعات ڪئي ۽ 32 جي مجموعي اسڪور تي بابر اعظم 19 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ پويلين موٽي ويو.

پوءِ رضوان ۽ حيدر علي ذميواري سان بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو ۽ 83 جي مجموعي اسڪور تي محمد رضوان 40 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

حيدر علي جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 45 رنسن جي اننگز کيڏي پر آخري اوور ۾ آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته سرفراز احمد ۽ افتخار احمد به ان ئي اوور ۾ آئوٽ ٿيا ۽ مقابلو دلچسپ ٿي ويو پر محمد نواز آخري بال تي چوڪو هڻي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي.

پاڪستان 5 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري بنگلاديش کي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو، ميچ جو بهترين رانديگر حيدر علي کي قرار ڏنو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.