ٽنڊي آدم لڳ استاد تي تشدد، ڪپڙا ليڙون، احتجاج

ٽنڊو آدم ( ن ع آ  ) ٽنڊو آدم ۾  ووٽر لسٽن جي تصديق ڪندڙ استاد تي جوابدارن جو تشدد ڪپڙا ليڙون ليڙون اين سي داخل هڪ گرفتار  استادن جو مظاهرو ڊيوٽين جي بائيڪاٽ جو اعلان تحفظ جي گهر  رپورٽ موجب ٽنڊو آدم جي ڳوٺ خير محمد مري واري علائقي ۾ ووٽر لسٽن جي تصديق ڪرڻ ويل هڪ استاد محمد خان ملوکاڻي تي پٺاڻ برادري سان تعلق رکندڙ 5 ڄڻن لتن ۽ مڪن سان حملو ڪري زخمي ڪري وڌو ۔ متاثر موجب جيئن ئي مون ووٽرن جي تصديق لاء دروازو تي ويس ته هڪ همراھ ٻاهر نڪري مهانگائي خلاف نيازي سرڪار کي گٿا لفظ ڳالهائيندي ووٽر لسٽن جي تصديق ڪرائڻ بجاء هل هنگامو ڪيو ۽ سندس پاڙيسري به گڏ ٿي ويا جن گڏجي مون تي تشدد ڪيو ۔ واقعي جي اطلاع تي پ ٽ الف اڳواڻ لکاڏنو خاصخيلي ، ملڪ ارشاد ، مرزا مبين بيگ ، قادربخش ڪوري ، سجاد خاصخيلي ۽ استاد  پهچي ويا ۽ ٿاڻي تي 5 ڄڻن خلاف اين سي داخل ڪرائي  پوليس هڪ ڄڻي غلام جيلاني کي گرفتار ڪري ورتو ۔ پ ٽ الف پاران تعلقي صدر لکاڏنو خاصخيلي جي اڳواڻي ۾   پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ووٽر لسٽن جي تصديق واري ڪم جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته جيستائين اسان جي استاد تي حملو ڪندڙ سڀني جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويندو ۽ سيڪيورٽي نه ڏني ويندي اسان ووٽر لسٽن جي تصديق واري ڪم جو بائيڪاٽ رهندو ڇو ته اسان جا استاد غير محفوظ آھن  ان ماحول ۾ اسان اهو ڪم نٿا ڪري سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.