شهدادپور ۾ نوجوان تي تشدد، مظاهرو

شهدادپور (ن ع آ) هالا روڊ تي نوجوان تي تشدد.زخمي اسپتال داخل.اين سي داخل. وارثن جو ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج. شھدادپور جي هالا روڊ تي معمولي ڳالهه تان باگراڻي برادري جي ماڻهن پاران شهدادپور جي راجپوت ڪالوني واسي نوجوان شاڪر راجپوت تي تشدد ڪرڻ بعد اين سي داخل ٿيڻ باوجود پوليس پاران گرفتاري نه ڪرڻ خلاف سندس والد راڻا نظير احمد راجپوت سندس فرزند راشد علي راجپوت سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته هرهڪ عطا محمد باگراڻي ايوب باگراڻي سهيل باگراڻي ۽ ٻين جي بڇ تي منهنجي پٽ شاڪر کي وحشياڻو تشدد ڪرڻ بعد پوليس انهن جي ونگار ڪندي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ اسان تي اين سي داخل ڪري اسان کي ٺاهه لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي هنن گهر ڪئي ته مذڪوره ماڻهن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.