سچل ڳوٺ ۾ سنڌي کاڌن جو ثقافتي ڏينهن

ڪراچي (پريس رليز) سچ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ پاران ھر سال جيان ھن سال به سنڌي کاڌن جو ثقافتي ڏينهن ملھايون ويو جنهن ۾ ڪراچيء جي مختلف علائقن کان سوين شھرين شاعرن اديبن ليکڪن فنڪار شرڪت ڪئي تقريب ۾ سنڌ  جا سڀئي ثقافتي کاڌا پلي ساڳ مڇي بھ ڀنيڊيو بصري توري  ماکي مکڻ لسي سميت ڪيترائي کاڌا گھران کڻي اچي گڏ ڪري گڏجي کاڌا ويا ڪراچيء جي علائقي گلستان جوھر جي مشھور ثقافتي ھوٽل اوطاق تي ٿيندڙ رنگارنگي تقريب ۾ ايم پي اي ڪريم بخش گبول پاڪستان جي وڏي قدواري شخصيت نصير سومرو قومي راڳي بيدل مسرور مزاحيا اداڪار علي گل ملاح سھراب سومرو عبدالوھاب سومرو سارنگ منير سومرو شير مھراڻوي ارشاد سومرو سميت سوين شھرين شرڪت ڪئي ۽ کاڌا پڻ کائي خوب مزو ورتو آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿي جنهن ۾ مشھور راڳي بيدل مسرور تنوير احمد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.