سنڌ يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي جي رٽائرڊ ٿيل آفيسرن ۽ ملازمن طرفان گڏيل اتحاد جوڙيو ويو آهي جنهن جي گڏجاڻي گذريل ڏينهن سنڌ يونيورسٽي جي ٽيچرس ڪلب ۾ ٿي گذري, گڏجاڻي آفيسر ۽ ملازم اڳواڻن محمد نواز ناريجو, محمد علي پٺاڻ, بشيراحمد شيخ رفيق احمد سولنگي جي نگراڻي ٿي, ان موقعي تي اڳواڻن جاري ڪيل پنھنجي بيان ۾ وي سي سنڌ يونيورسٽي کان مطالبو ڪيو آھي ھو ھنن رٽائر آفيسرن ۽ ملازمن جو ايڊھاڪ 10 سيڪڙو رليف فنڊ جاري ڪيو وڃي ۽ ھائوسنگ سوسائٽي ۾ جن رٽائرڊ ملازمن جا فارم ڀريل آھن انھن کي پلاٽ ڏنا وڃن ۽ رٽائرڊ فوتي سن ڪوٽا تي عمل ڪيو وڃي, رٽائر ملازمن پنھنجي ساٿي ملازمن جي فلاح ۽ بھود لاء فنڊ رکڻ ۽ لائيف انشورنس فنڊ جلد جاري ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.