منڇر ڍنڍ کي بحال ڪري مهاڻن کي سهولتون ڏيو، ڀانن ۾ ريلي، ڌرڻو

ڀان سيدآباد ( رپورٽ: آدم مينگل (ڀان سيدآباد ويجهو ايشيا جي وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ جي مهاڻن پاران مهاڻن جي عالمي ڏهاڙي تي منڇر بچايو تحريڪ پاران منڇر جي بحالي لاء احتجاجي ريلي ڪڍي منڇرڍنڍ جي بحالي لاء نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي منڇر بچايو تحريڪ جي چيئرمين مولابخش ملاح، هوت خان ملاح، علي شير ملاح، ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو تہ منڇر ڍنڍ کي هٿ سان تباهہ ڪيو پيو وڃي، منڇر لاء فشريز ڊپارٽمينٽ جيڪو ڪجهه ڏيئي ٿو اهو سڀ ڪجهه  صرف من پسندن کي ڏنو وڃي ٿو، مهاڻن کي ڪجهه به نه ٿوملي جيڪا مقامي مهاڻن سان وڏي ناانصافي آهي، هنن چيو تہ منڇر ۾ هن وقت پاڻي جي سطح 12 فوٽ آهي جيڪو به آبپاشي کاتي پاران درياء ۾ نيڪال ڪيو پيو وڃي، منڇر ڍنڍ ۾ هن وقت پاڻي مڪمل زهريلو بڻجي چڪو آهي،جنهن جي ڪري مهاڻن جو ذريعومعائش مڇي ختم ٿي وئي آهي، آبپاشي عملدار مختلف بهانن سان منڇر مان پاڻي ڪڍي منڇر کي تباهه پياڪن، منڇر جي بحالي لاء تڪڙا قدم کڻي مهاڻن جي روزگار جو بندوبست ڪيو وڃي، هنن چيو تہ صوبائي توڙي وفاقي سرڪار منڇر جي ملاحن سان ويساهہ گهاتي ڪري رهي آهي، منڇر جي مهاڻن کي ٻيڙيون فراهم ڪيون وڃن تہ مهاڻن ٻچن جو پيٽ گذرسفر ڪن، منڇر جي ڪنڌي تي آباد مهاڻن کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن، انهن چيو ته منڇر تي لڳل آرو پلانٽ گذريل ڪيترن مهينن کان بند پيل آهن ۽ آرو پلانٽ جي ملازمنن کي گذريل هڪ سال کان پگهار پڻ بند آهن جيڪي ملازم پڻ فاڪه ڪشي ۾ مبتلا آهن ۽ منڇر واسين کي نيوي سميت ٻين کاتن ۾ نوڪريون ڏيئي بيچيني ختم ڪئي وڃي، منڇر بچايو تحريڪ وڏي وزير سيد مرادعلي شاه کان گهر ڪئي تہ منڇر کي آفت سٽيل قرار ڏئي مهاڻن کي ريليف فراهم ڪيو وڃي ٻيصورت ۾ هو مجبور ٿي وزيراعلي هائوس ڪراچي ڏانهن پيادل مارچ ڪنداسين ۽ مسلسل احتجاجي تحريڪ هلائيندي انڊس هاء وي روڊ بلاڪ ڪنداسين .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.