گمبٽ ۾ دڪان ٺاهڻ تان مکي ۽ هندو برادري ۾ تڪرار، ڪم ٻيهر شروع

گمبٽ (رپورٽ : الهداد اڄڻ) گمبٽ ۾ هنڌو پنچائت جي مکي ۽ هنڌو برادري ۾ شيوالي ۾ قبرن کي مسمار ڪري 36 دڪان ٺاهڻ واري معاملو شدت اختيار ڪري ويو،مکي جي مخالف ڌر پاران ڊي سي خيرپور کي ڪم بند ڪرائڻ لاء ڏنل درخواست تي ڊي سي پاران بند ڪرايل ڪم مکي ٻيهر شروع ڪرائي ڇڏيو. ڊي سي خيرپور راجا طارق چانڊيو جي حڪمن کي ٿڏي اڏاوتي ڪم تيزي سان هلندڙ انتظاميا کي اطلاع ملڻ باوجود ڪم بند ڪرائڻ لاء نه پهتي. جي پرڪاش آهوجا ڳالهائيندي چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران به ڪجھ ڏينهن اڳ تڪراري پلاٽ تي هلندڙ ڪم بند ڪرائي پلاٽ کي سيل ڪيو ويو هيو جنهن بعد مکي جي حڪم تي سرڪاري سيل ٽوڙي ٻيهر ڪم شروع ڪرايو ويو جنهن خلاف ڊي سي خيرپور ۽ ايس ايس پي خيرپور کي درخواستون ڏنيون هيون. مکي وجي ڪمار قانون کان ڏاڌو آهي جيڪو ڊي سي خيرپور سميت ڪنهن به سرڪاري عملدار جو حڪم مڃڻ لاء تيار ناهي ڊي سي خيرپور پاران بند ڪرايل ڪم ٻيهر هلي رهيو آهي مختيارڪار کي شڪايت ڪئي آهي پر هن وقت تائين ڪم بند ڪرائڻ لاء ناهي پهتو. ٻئي پاسي مکي وجي ڪمار ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جي سٺي ڪم ۾ هنڌو برادري جا ڪجھ ماڻهو رنڊڪ وجهي رهيا آهن ڊي سي خيرپور جي زباني حڪم تي ڪم بند نه ڪنداسين آفيشل ليٽر جاري ڪري ته ڪم بند ڪرڻ لاء تيار آهيون. ڪجهه شر پسندن مونکي جاني مالي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن اگر مونکي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار  مختيار ڪار ايس ايڇ او ھوندا، انتظاميان سان قانون موجب سهڪار ڪرڻ لاء تيار آهيون پر انتظاميان ڪنهن جي چوڻ تي ونگار وهندي ته ان خلاف عدالتن ۾ وينداسين ،ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي پ پ اڳواڻ حاجي عبدالطیف شيخ ٻڌايو ته بنا ڪنهن فرق جي انسانيت جي خدمت ڪري رهيا آهيو غريبن لاءِ دڪان ٺھڻ گھر جن مخالف منهنجي خلاف غلط بياني ڪري رھيا آھن  اسان ھر جائز ڪم ۾ مکي وجئي ڪمار ۽ ھندو ڀائرن سان گڏ آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.