جھيمل شاخ کي پاڻي ڏيو، نوابشاهه ۾ آبادگارن جو ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

نوابشاه(رپورٽ فياض چنڊ  ڪليري) ضلعي شھيد بينظير آباد جي اھم ۽ وڏي آبپاشي نظام نصرت ڊويزن جي ڪامورن جي بيحسي ۽ ڪرپشن سبب ضلعي جا غريب ۽ بي پھچ آبادگار پنھنجي حصي جي پاڻي کان محروم آھن نصر ڊويزن مان نڪرندڙ گجراواھ مان جاري ٿيندڙ شاخن جھيمل شاخ، ڍورو نارو شاخ، اٺھٽ ريگيوليٽر، کنياريون شاخ سميت ٻين شاخن ۽ مائنرن جي پڇڙين ۾ مھينن تائين پاڻي بدران واري اڏامي رھي آھي مذڪورھ شاخن جي پڇڙي جي آبادگارن جو چوڻ آھي تہ ڪامورا لکين روپيا رشوت وٺي منڍ جي با اثر آبادگارن کي پاڻي وڪرو ڪري رھيا آھن اسان غريب ٻچن جو پيٽ پاليون يا ڪرپٽ ڪامورن کي رشوت جا پيسا ڏيون شاخن جي پڇڙين ۾ پاڻِي نہ پھچڻ سبب نصرت ڊويزن تي آباد ٿيندڙ ھزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آھي ٻئي طرف اڄ نصرت ڊويزن جي اھم جھيمل شاخ جي سوين آبادگارن ڪامريڊ علي مردان کوسو، رفيق سيال، مُريد کوسو، علي نواز ڏاھري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاھ پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاھرو ڪرڻ بعد روڊ تي ڌرڻو ھنيو جنھن سبب ٻن ڪلاڪن تائين ڪورٽ روڊ نوابشاھ تي سوين گاڏيون بيھجي ويون اڳواڻن چيو تہ جھيمل شاخ جي سمورن واٽر ڪورسن جون پڇڙيون گذريل ٻن مھينن کان واري اڏائي رھيون آھن ڇاڪاڻ تہ آبپاشي ڪامورا منڍ جي وڏن ۽ با اثرن کان لکين روپيا رشوت وٺي اسان غريب آبادگارن جي حصي جو پاڻي انھن کي وڪرو ڪري رھيا آھن ھنن چيو تہ جھيمل شاخ جي پڇڙي ۾ صرف 10 سيڪڙو بہ مشڪل سان ڪڻڪ جي پوکي ٿي سگھي آھي ھن چيو تہ اسان غريبن جو جيئندان ڪڻڪ جي پوکي تي آھي جيڪڏھن ڪڻڪ نہ پوکي سگھياسين تہ اسان بد حالي ۽ فاقاڪشي جو شڪار ٿي وينداسين ھنن چيو تہ حالت اھا آھي جو پاڻي نہ ھئڻ سبب اسان جو پاليل مال متاءُ اُڃ وگھي مري رھيو آھي پکي پنھنجا واھيرا ڇڏي ويا آھن ھنن لاڳاپيل اعليٰ اختيارين کي چتاءُ ڏيندي چيو تہ جيڪڏھن ھفتي اندر جھيمل شاخ جي پڇڙي تائين پاڻي جي رسائي يقييني نہ بنائي وئي تہ ھزارين آبادگار مرڻ گھڙي تائين بُک ھڙتال ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.