رتوديرو پوليس قاتل گرفتار نه ڪيا، وارثن جو گرفتاري لاءِ مظاهرو

رتوديرو  ( رپورٽ: طفيل ساريو  ) رتوديرو لڳ ڳوٺ سومر واهڻ  ۾ مھينو اڳ مرکياڻي ۽ چنا برادري جي تڪرار تان قتل ٿيل ٻن ڄڻن منصور چنو ۽ دلشير چنو جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدارن جي گرفتاري لاءِ عبدالجبار چنو ، امام الدين چنو ، غلام مرتضيٰ چنو ، حاجل خاتون ، نظير خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رتوديرو پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو،  ان موقعي تي مقتول نوجوانن جي وارثن دانهيندي چيو ته  ھڪ مھينو اڳ مرکياڻي ذات جي غلام عباس مرکياڻي ، سميع مرکياڻي ،  رابيل مرکياڻي ۽ فتاح مرکياڻي اسان جي گهرن مٿان حملو ڪري انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ اسان جا ٻه نوجوان مارجي ويا هئا ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا،  جنهن جو ڪيس اسان  رتوديرو ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو ، هڪ مهينو گذري وڃڻ بعد به رتوديرو پوليس اصل جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ، هنن چيو ته روپوش ٿيل جوابدارن کان رتوديرو پوليس جي ايس ايڇ او عبدالغفور ڇٽو ڳري رشوت وٺي انهن کي کلي عام گهمڻ ڦرڻ جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي،  هاڻي اسان کي جوابدار  ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته ڪيس تان هٿ کڻو ٻئي صورت ۾ فريادين کي به ماري ڇڏيندا سين ، اسين اهڙي شڪايت رتيديري ٿاڻي تي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي ڏئي چڪا آهيون پر اڃان تائين جوابدارن کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ مک جوابدارن غلام عباس مرکياڻي، سميع مرکياڻي، رابيل مرکياڻي ۽ فتاح مرکياڻي کي گرفتار ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.