ڏهرڪي ۾ ڳاني ٻڌل گهوٽ ڄڃ ڇڏي کسڪي گم ٿي ويو

ڏهرڪي(رپورٽ اسد لغاري ) ڏهرڪي لڳ شادي  جي ڪاڄ مان ڳاني ٻڌل  گهوٽ گم ٿي ويو پرڻائڻ لاءِ ويندڙ ڄاڃي گهوٽ کي ڳوليندا رهيا ،ڪنواريتا اوٻاوڙو ۾ ڄڃ جو انتظار ڪندا رهيا،گهوٽيتا ۽ ڪنواريتا گهوٽ جي لاپتا ٿيڻ جي رپورٽ داخل ڪرائڻ ٿاڻي پهتا،ڪنواريتن ۽ گهوٽيتن کي ڳولا باوجود گهوٽ نه ملي سگهيو،خبر موجب ڏهرڪي ڀرسان ڳوٺ ساجن ملڪ ۾ پرويز علي پٽ راحب ملڪ کي اوٻاوڙو کان پرڻائڻ لاءِ ڳاني ٻڌل گهوٽ اوچتو ڄڃ رواني ٿيڻ کان اڳ اهو چئي کسڪي ويو ته مان شهر کان واچ ٿو وٺي اچان ،جنهن بعد گهوٽ گم ٿي ويو ،ڪيترائي ڪلاڪ گهوٽيتا گهوٽ کي گهوٽ کي ڳوليندا رهيا ،اوٻاوڙو ۾ ڄڃ جي انتظار ۾ ويٺل ڪنواريتا به ڏهرڪي پهچي ويا،گهوٽيتا ۽ ڪنواريتا گهوٽ جي لاپتا ٿيڻ جي رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ  ڏهرڪي ٿاڻي پهتا جتي هنن گهوٽ جي لاپتا ٿيڻ جي رپورٽ داخل ڪرائي،گهوٽ جي گم ٿي وڃڻ بعد گهوٽيتا ۽ ڪنواريتا پريشان ،شادي جا سهرا بند ٿي ويا ،ان سلسلي ۾ ڏهرڪي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته وارثن رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته گهوٽ شهر کان واچ وٺڻ ويو ته واپس نه موٽيو ،پوليس جو چوڻ آھي ته اسان به ٽيڪنيڪل طريقي سان گهوٽ جي ڳولا ڪري رهيا آھيون هوڏنهن گهوٽ جي پيءُ راحب ٻڌايو ته ڳانو ٻڌل پٽ لاپتا ٿي ويو آھي ڳولا ڪريون پيا ،ذريعن کان ڄاڻ ملي آھي ته گهوٽ شادي کان انڪاري هيو ان ڪري ڄڃ کي ڇڏي کسڪي ويو آھي.

  • وزيراعظم جي ذات کان هر ڪرپٽ تڪليف آهي: شهباز گلِ

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي ترجمان ۽ سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گِل چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان جي ذات کان هر ڪرپٽ ۽ چور سياستدان کي تڪليف آهي. ملڪ جي بقا ۽ ترقي لاءِ اسان ڪرپٽ ۽ چورن خلاف وڙهندا رهنداسين. نااهل نواز ۽ زرداري جهڙا چور ۽ عوامي مجرمن خلاف وڙهڻ ئي وزيراعظم عمران خان جي سياست جو مقصد ۽ منشور آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.